در محمد سومرو

در محمد سومرو: سنڌ جو ناليوارو تعليمدان ۽ ليکڪ درمحمد ولد واحد بخش سومرو، 26 ڊسمبر 1910ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم نئين ديري ۾ حاصل ڪرڻ بعد هن مئٽرڪ 1933ع ۽ انٽر 1935ع ۾ بمبئيءَ جي مختلف درسگاهن مان ڪئي. بي. اي 1939ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان، ايم. اي (جنرل هسٽري) 1942ع ۾ ۽ ايم. اي (مسلم هسٽري) 1947ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. در محمد سومري استاد هجڻ جي حوالي سان سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جي درسگاهن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. ان دؤران تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪافي جاکوڙ ڪيائين. هن مختلف اسڪولن ۾ استاد توڙي هيڊماستر طور پنهنجا فرض نهايت ئي احسن طريقي سان سرانجام ڏنا. هن سموري عمر تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاري. سندس تعليم جي موضوع تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيل آهن، جيڪي ان وقت جي مشهور اخبارن توڙي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. 1966ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ٿيو، پر استادي پيشي سان آخر تائين سلهاڙيل رهيو. رٽائر ٿيڻ بعد مدرسة الغرباء پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ هيڊماستر ۽ آرٽس ڪاليج رتيديري جو پرنسپال به رهيو. در محمد سومرو ڪيترن درسي ڪتابن جو ليکڪ به هو، جيڪي لوئر سيڪنڊري، هاير سيڪنڊري، بي. اي ۽ ايم. اي تائين پڙهايا ويندا هئا. هو هڪ تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ بهترين منتظم به هو. کيس بهترين استاد طور ان وقت جي بالا آفيسرن علامه دائود پوٽي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سيد عطا حسين شاهه موسويءَ پاران تعريفي سندون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. هن 6 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي.


لفظ در محمد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.12.26  عيسوي

سنڌ جو ناليوارو تعليمدان ۽ ليکڪ درمحمد ولد واحد بخش سومرو، 26 ڊسمبر 1910ع تي نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ ۾ ڄائو.


1972.08.06  عيسوي

. هن 6 آگسٽ 1972ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنا لال گهوش بانسري نواز
انب جوڳي
جتوئي مصطفيٰ حيدر
جيسپرز ڪارل ٿيوڊور
سهراب مگسي
خورشيد حسن شيخ
شاهل محمد ڪلهوڙو
جهمون ڇڳاڻي
دراني اٽل خان
سيدي علي رئيس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون